پرديسي ۽ پيار

پرديسي ۽ پيار (فلم): هيءَ سنڌي فلم 12 آڪٽوبر 1984ع تي رليز ٿي. هن فلم جو هدايتڪار مشتاق چنگيزي، پروڊيوسر خير محمد لاسي ۽ موسيقار امداد حسين هو. فلم ۾ مشتاق چنگيزي، ريٽا، سرتاج وارثي، ممتاز ڪنول، مشتاق جسڪاڻي، مقبول کوکر، محمود لاسي، اداڪاري ڪئي. هيءَ فلم نشاط سئنيما حيدرآباد، محفل سئنيما ڪراچي، المنظر سئنيما لاڙڪاڻي، پيراڊائز سئنيما سکر ۾ پردي تي پيش ڪئي ويئي.


لفظ پرديسي ۽ پيارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو